SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادب برائي زندگي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ادب برائي زندگي

(Art for life)

ادب برائي زندگيءَ جو مقصد اهو آهي ته انساني زندگي جيئن آهي ، جهڙي آهي، ان جي هو بهو تصوير چٽي وڃي، جيئن ان جو ڪو به پاسو يا پهلو اڻ ڇهيو رهجي نه وڃي.ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي.”ادب نه فقط زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو، پر ان تي تنقيد به ڪري ٿو. زندگيءَ جي سمجهاڻي به ڏئي ٿو ۽ ان جو تفسير پڻ ٻڌائي ٿو. ادب ۾ بهتر خيال ۽ روز مره جي بهتر زبان استعمال ٿئي ٿي. ادب زندگيءَ جي پيداوار آهي ۽ زندگيءَ جي تصوير چٽي ٿو، ان ڪري ان ۾ افاديت جو هئڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته اديب جيڪي جذبا آشڪار ڪري ٿو سي ان ماحول سان رکن ٿا ۽ شعوري آهن ۽ خارجي سببن جي ڪري آهن.”ادب براءِ زندگيءَ “ وارن جو اھو به خيال آهي ته جيستائين عوامي مسئلن جو ذڪر نه ڪبو، خلقت خدا کي اهميت نه ڏبي، انقلابي ۽ مزاحمتي ادب نه لکبو، تيستائين اھو ادب نه رھندو. باقي جيڪي اديب صرف گل ۽ بلبل، محبت ۽ حسن کي موضوع بڻائي لکن ٿا، اھو ادب نه آهي، پر ذھني عياشي آھي، ۽ اهڙي ادب جو ڪو ڪارج نه آهي.


Remember Me Also:

ڪور ڪل

اسم خاص. کيرٿر جبلن ۾ هڪ هنڌ جو نالو. ديوان سانگي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal